تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول- ڪتاب

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول- ڪتاب

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول (ناول ):سنڌ جي برک ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار سراج الحق ميمڻ جو هيءُ ناول سندس ٻن ٻين لاڳيتن ناولن: ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ جي ٽريالاجيءَ جو حصو آهي، جيڪو گڏيل صورت ۾ ”پياسي ڌرتي رمَندا بادل“ جي نالي سان گڏ به ڇپيل آهي. ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانوَل‘ ڊيمي سائيز جي 262 صفحن تي مشتمل ناول آهي، جيڪو چئن رنگن جي خوبصورت ٽائيٽل سان، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، سپيٽمبر 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي ڪچي جلد جي قيمت 50 رپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 70 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو